امانت مغل

امانت مغل

امانت مغل

امانت مغل: مشھور اداڪار امانت مغل جو اصل نالو امانت علي ولد غلام حيدر خان مغل آهي. 10 ڊسمبر 1974ع تي ميرپور ڀٽو شھر، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا اصل ڳوٺ ٻيچانجي، تعلقي لکي (شڪارپور) کان لڏي اچي ميرپور ڀٽو ۾ ويٺا. سندس والد ۽ سردار ممتاز علي خان ڀُـٽي جي پاڻ ۾ ويجهي مائٽي هئي. تنھن ڪري هي خاندان ٻيچانجيءَ مان لڏي ميرپور ڀٽو ۾ اچي رهيو. 1982ع ۾ سندس خاندان ميرپور ڀٽو مان لڏي اچي نئين ديري ۾ آباد ٿيو. امانت مغل جي ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ميرپور ڀٽو ۽ نئين ديري ۾ مڪمل ٿي. B.Sc کانپوءِ ماسٽرس جي ڊگري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. سنڌي ادبي سنگت جي ميمبر جي حيثيت ۾ ٻن سالن تائين نئين ديري شاخ جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿي رهيو. هن پنھنجي فني سفر جي شروعات ريڊئي پاڪستان ڪراچيءَ تان ”روشن راهون“ پروگرام ۾ ميزبان طور ڪئي. 1988ع ۾ هن پاڪستان ٽيليويزن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. سندس پھريون ڊرامو ”پاڻ ئي پاڻ خيال“ 2002ع ۾ نشر ٿيو. جڏهن سنڌي چئنل ڪي. ٽي. اين شروع ٿيو ته هن مختلف گانن ۾ ماڊلنگ ڪئي. ڪي. ٽي. اين تي هليل سندس ڊرامن ۾ ”پارس“، ”اسين ماڻهو“، ”جياپي جي جنگ“، ”جرم ۽ سزا“، ”ڪشالا“، ”گنهگار“ ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه ڪجهه ڊرامن ۾ ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ طور به ڪم ڪيو. ڪي. ٽي. اين جي مشھور ڊرامي ’بالي‘ ۾ مير علي نواز ’ناز‘ جي مُک ڪردار کيس شھرت جي بلندين تي پھچايو. هن وقت لنڊن ۾ رهندي ڪيترن ئي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي پروگرامن جي آرگنائيزر ۽ ڊرائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ امانت مغلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.12.10  عيسوي

مشھور اداڪار امانت مغل جو اصل نالو امانت علي ولد غلام حيدر خان مغل آهي. 10 ڊسمبر 1974ع تي ميرپور ڀٽو شھر، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بچايو رند
شاهد آفريدي
آلندي سيلويڊار
عابده سلطان شهزادي
ڄام سَپڙُ
پاٽائي مخدوم فضل الله
مخدوم محمد اسماعيل سومرو
سوامي غريب داس
سيده شهلا رضا
شيخ عبدالعزيز
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون